درگا جو دڙو

درگا جو دڙو: هيءُ اسلامي دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو ضلعي ميرپورخاص جي ديهه اڪڙيءَ ۾ محمد طفيل پنجابيءَ جي زمين ۾ هڪ دڙي جي صورت ۾ آهي، جتان ڪجهه رنگين ٺڪريون ۽ ٽامي جا سڪا ماڻهن کي هٿ آيا هئا، اتان جي ماڻهن جو خيال آهي ته انهيءَ دڙي ۾ دنيا پوريل آهي، جنهن جي حفاظت هڪ وڏو نانگ ۽ ڪجهه ديو ڪري رهيا آهن، انهيءَ دڙي کي سڌو ڪري پوک ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي آهي، پر اتفاق اهڙو ٿيو آهي جو هڪ ٻه دفعا ٽريڪٽر جي چين ٽٽي پئي آهي، تنهنڪري ماڻهن جي وهم ۾ ويتر اضافو آيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو